صحبت پور – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقي صحبت پور ۾ امدادي ڪمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جو ڪم وڌيڪ تيزي سان ڪيو وڃي، متاثر علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فوري پهچائينداسين، ٻوڏ تي سياست نه ڪنداسين. وزيراعظم بلوچستان جي ٻوڏ کا?? متاثر علائقي صحبت پور جو دورو ڪيو جتي کيس ٻوڏ جي تباهين، متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ جاري ڪوششن کا?? آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحبت پور بلوچستان ۾ ٻوڏ کا?? سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿيو آهي هتي نقصانن جي گڏيل سروي جلد مڪمل ڪئي ويندي، متاثر خاندانن کي 25 هزار رپيا في خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فراهم ڪيا پيا وڃن، هيستائين هڪ لک 66 هزار خاندانن کي اها رقم ڏني وئي آهي، متاثرين کي 2 لک 50 هزار مهاريُون فراهم ڪيون ويون ??هن جڏهن ته اڍائي ل?? وڌيڪ فراهم ڪنداسين، ان کا??سواءِ خيمن جي فراهمي جو ڪم به جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن علائقي ۾ 122 ڪئمپ قائم ڪيون ويون ??هن، ميڊيڪل ڪئمپس ۾ 4 لک کا?? وڌيڪ مريضن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي، پيناڊول ۽ مليريا جون ??وائون موجود آهن هتي نانگ جي ڪکڻ سان ٻه فوتگيون ٿيون ??ڏهن ته ان تي ضابطو آندو ويو آهي، حاملا عورتن جي رجسٽريشن جاري آهي، ميڊيڪل ڪئمپ ۾ گائناڪالوجسٽ سميت ٻيو لاڳاپيل عملو موجود آهي، مقامي ايم پي اي وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ته هتي ماڻهن جا گهر ۽ زراعت تباهه ٿي چڪي آهي، شهر مان پاڻي ڪڍڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته هي قدرتي آفت تمام وڏي آهي، ان ۾ بحالي جي حوالي سان مشڪلاتون ??ه آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هنگامي امدادي ڪمن جي لاءِ وفاق کا?? وڌيڪ معاونت جي ضرورت آهي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي بحالي جي حوالي سان ڪجهه مشڪلاتون ??هن جڏهن ته شهري علائقن ۾ انٽرنيٽ بحال ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي متاثرين جي بحالي لاءِ امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وفاق کا?? جيڪڏهن وڌيڪ فنڊز گهرجن ته آگاهه ڪريو، اسان کي ٻوڏ تي سياست ناهي ڪرڻي، هي هڪ امتحان آهي، ٻوڏ جي پاڻي جي حوالي سان ان کا?? وڏي آفت ماضي ۾ ناهي ڏٺي، ان تي صبر کا?? ڪم وٺڻو پوندو، حڪومتي مشينري فوري طور فعال آهي، صحبت پور سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم چيو ته فوري طور تي هيليڪاپٽر جي ذريعي پاڻي جون ??وتلون مهيا ڪيون وڃن. هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته پيئڻ جي پاڻي جي عدم فراهمي جي شڪايت نه اچڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته وڌيڪ خيمن جا آرڊر ڏنا ويا آهن، اهي خيما بلوچستان ۾ ٻوڏ کا?? متاثر علائقن ۾ ڏنا ويندا، متاثر علائقن ۾ وبائي مرض پکڙجي رهيا اهن، انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آهي.