اسل??م آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته پاڪستان حڪومت اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر يونيورسٽي برطانيا جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪوئنٽن ميڪ ڪيلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ??يو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته آء?? ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوجوان نسل کي آء?? ٽي سروسز جي تربي?? حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي. هن ??يو ته حڪومت نوجوانن کي آء?? ٽي اسڪلز حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ ليپ ٽاپ جي فراهمي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ??يو ته برطانيا پاڪستان جي وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.