اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري معلومات ليڪ ڪندڙ بدعنوان نيب اهلڪار جي سزا برق??ار رکي آهي. صدر نيب اهلڪار جي ڪر??شن جي لاءِ سرڪاري معلومات ليڪ ڪرڻ تي سزا جي خلاف اپيل رد ڪر?? ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نيب سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي ڪيسز ۾ ملوث ٻين آ??يسرن جي خلاف پڻ ڪارروائي ڪر??، افسوس جو بدعنواني جي خاتمي لاءِ ذميوار اداري نيب جي اندر ئي ڪر??شن ڪئي وئي، تفصيل موجب نيب جي اسسٽنٽ پرائيويٽ سيڪريٽري (بي ايس 16)، نعمان اقبال، غيرقانوني طور تي غيرمجاز ماڻهن کي سرڪاري معلومات ڏني، انڪوائري ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اهلڪار کي 5 سال جي لاءِ هيٺئين پوسٽ تي تنزلي جي سزا ڏني وئي. نيب اهلڪار سزا جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪر?? رکي هئي. نيب ڪراچي سورس رپورٽ جي بنياد تي انڪوائري جي اپيل ڪندڙ جي موبائيل مان ڳجهو رڪارڊ مليو. نيب اهلڪار جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ دستاويزن سان پڻ ڏوهه ثابت ٿيو. نيب نعمان اقبال جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. انڪوائري ڪميٽي درخواستگذار کي بدانتظامي ۽ سرڪاري راز ظاهر ڪرڻ جي الزام ۾ قصوروار ق??ار ڏنو. نعمان اقبال نيب اييمپلائيز سروسز رولز تحت صدر کي سزا جي خلاف اپيل داخل ڪئي. صدر چيو ته نيب اهلڪار فيصلي جي خل??ف ڪو معقول سبب يا اضافي جواز فراهم نه ڪيو، اهڙي ماڻهو جي لاءِ 5 سال جي سزا انصاف نه آهي، سزا وڌيڪ سخت هجڻ گهرجي ها. صدر اپيل رد ڪندي چيو ته نيب معاملي ۾ ملوث بين آ??يسرن جو قصور ثابت ٿيڻ تي انهن کي دوکيبازي، ملڪ جو ت??خص خراب ڪرڻ تي سزا ڏي.