اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آ??ي، ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ لاءِ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس تي اعليٰ عدالت ۾ آئين ۽ قانون موجب دليل ڏيندس. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ڄاڻايل پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. بابر اعواڻ چيو ته ماڻهن ک?? يقين ڏيارڻ لاءِ رستو تجويز هئڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستي آه??. هن چيو ته اپوزيشن جي وڪيلن دليل ڏيڻ ۾ 3 ڏينهن لڳايا آه??، اسان گهٽ وقت لڳائينداسين، اسان جا د??يل آئين ۽ قانون موجب هوندا. هن چيو ته اڃا آرٽيڪل 63 (اي) جي تشريح جي حو??لي سان به فيصلو اچڻو باقي آه??.