لاهور – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته مخالف ڌر لانگ مارچ جي نالي تي بيچ??ن ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪير پڇڻ وارو نه آهي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آهي، مريم ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو ??يو اهو ان جي دل جو آواز آهي، پنهنجي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون، تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، ماڻهن کي مشڪل ۾ نه ٿا ڇڏي سگهون، تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خ??ن پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو جنهن سان صنعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي جنهن جي ڪري ٻاهرئين قرضن ۾ اضافو ٿي رهيو هو، حڪومت جي پهرين ڪوشش ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ هو، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، حڪومتي پاليسين جي ڪري روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، عالمي ادارا ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهي رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانين مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪ جي ڀرپور مدد ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جنهن جي ڪري اسان کي به قيمتون وڌائڻيون پيون. وزيراعظم عمران خ??ن پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائين جو وڏو اعلان ڪيو جنهن سان صنعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن ??يو ته اسان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي بحال ڪيو جنهن سان روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي، ڪڻڪ، چڻا، چانور جي رڪارڊ پيداوار ٿي، وزيراعظم عمران خ??ن کي عام ماڻهو جي تڪليف جو احساس آهي، عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين ??يو ته عام ماڻهو کي اڳ ۾ صحت ڪارڊ ڏنو، ڪالهه وزيراعظم وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو، نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ سان گڏوگڏ نوجوان گريجوئيٽس کي 30 هزار رپيا انٽرن شپ ڏئي رهيا آهيون، احساس پروگرام سان عام ماڻهو کي فائدو ٿي رهيو آهي، اڳ ۾ غريب ماڻهو هاڻي مڊل ڪلاس جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، راشن ڪارڊ تي اٽو، کنڊ ۽ گيهه 30 سيڪڙو سبسڊي تي ملي رهيا آهن. هن ??يو ته مخالف ڌر لانگ مارچ جي نالي تي بيچ??ن ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪير پڇڻ وارو نه آهي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آهي، مريم نواز ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو ??يو اهو ان جو آواز آهي، حمزه شهباز ايندڙ چونڊن ۾ (ن) ليگ جي ٽڪيٽ وٺندو، اها ڪنهن کي خبر نه آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته اسان پنهنجي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي، ماڻهن کي مشڪل ۾ نه ٿا ڇڏي سگهون، حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي ۽ ايندڙ حڪومت به پاڪستان تحريڪ انصاف جي هوندي. وفاقي وزير ??يو ته اڪانومسٽ موجب پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا جي مقابلي ۾ دنيا جي ٽاپ 3 ملڪن ۾ رهيو، عالمي مهانگائي، افغان مسئلي جي باوجود اسان جي صحيح قدمن سان ڪنسٽرڪشن، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي، روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو، تنهن ڪري اڄ انهي جي ڪري اسان عوام کي ايترو وڏو ريليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهيون.