ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان روس سان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي لاءِ عالمي برادري س??ن گڏجي ڪم جاري رکندو، والاريل ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ضروري آهي، روس ۽ يوڪرائن جي وچ ۾ تازي ت??ين صورتحال افسوسناڪ آهي، پاڪستان سفارتڪاري س??ن ان جي حل جي اميد ڪري ٿو، تڪرارن جو حل ڳا??هين ۽ سفارتڪاري س??ن ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب روس جي دوري جي موقعي تي ڪريملن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ صدر ولادي مير پيوٽن جي وچ ۾ سربراهي ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن، ٻطرفي مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ تازي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳا??هه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم عمران خان اطمينان جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جو تسلسل جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته لاڳاپن ۾ ڀروسو ۽ گرمجوشي شعبن ۾ انهن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي جي اهميت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فليگ شپ اقتصادي منصوبي جي آهي، ٻنهي اڳواڻن توانائي س??ن لاڳاپيل ٻين منصوبن ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن گهڻ رخن لاڳاپن جي عزم کي ورجايو. علائقائي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ انساني بحران کي فوري حل ڪرڻ ۽ معاشي ت??اهي جي روڪٿام جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان دنيا سان گڏجي هڪ مستحڪم، پرامن ۽ ٺوس افعانستان جي لاءِ ڪم جاري رکندو. ان ڏس ۾ هن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول شنگهائي ت??اون تنظيم (ايس سي او) سميت تازي جاري ت??اون ۽ رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو. سائوٿ ايشيا جي صورتحال جي حوالي س??ن وزيراعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنجيده صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم علائقائي امن ۽ استحڪام کي پهچندڙ نقصان جي حوالي س??ن چيو ته علائقائي توازن کي برقرار رکڻ ۾ معاون قدم کنيا وڃن. وزيراعظم روس ۽ يوڪرائن جي ت??زه ترين صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته فوري تڪرار کي سفارتڪاري س??ن حل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته تڪرار ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي ۽ تڪرار جي صورت ۾ سدائين اسرندڙ ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته تڪرار ڳا??هه ٻولهه ۽ سفارتڪاري س??ن حل ٿين. دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۽ انتهاپسندي جي وڌندڙ رجحانن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم زور ڏنو ته بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل بقاءَ جي ضرورت آهي. صدر پيوٽن جي حضرت محمد ﷺ سان مسلمانن جي وابستگي جي حساسيت ۽ احترام کي سمجهڻ کي س??راهيندي وزيراعظم چيو ته معاشرن جي اندر ۽ انهن جي وچ ۾ امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ بين المذاهب هم آهنگي ۽ سمورن مذهبن جو احترام ضروري آهي. وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطحي وفد ٻن ڏينهن جي روس جي دوري تي آهي. وزيراعظم سان گڏ ??اب??نا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ آهن.