فصيل آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب جي نوشڪي بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف وڙهندي ملڪ تي قربان ٿ??ند?? دلير سپوت ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد بلال خليل شهيد جي رهائشگاهه تي پهچي شهيد جي والد ۽ ٻين عزيزن سان تعزيت ڪئي. فرخ حبيب چيو ته دهشتگردن سان جنگ ڪندي شهيد ٿ??ند?? قوم جي س??وتن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته شهيد قوم جي مٿي جا موڙ آهن، اسان کي پنهنجي جوانن جي قربانين تي فخر آهي. مملڪتي وزير چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ بي مثال قرابنيون ڏنيون آهن. فرخ حبيب الل?? تعاليٰ کان شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت عطا ڪرڻ جي دعا ڪئي.