اسلام آباد – 23 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران بابت آگاهي جي لا??ِ پنهنجو آواز بلند ڪندس، آئون چاهيان ٿو ته عالمي برادري ان مسئلي تي قدم وڌائي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ”افغانين جون حياتيون بچايو“ جو هيش ٽيگ به لڳايو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته افغانستان ۾ انساني بحران بابت آگاهي جي لا??ِ پنهنجو آواز بلند ڪندس. آئون چاهيندس ته عوام افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ ان انساني بحران بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ عالمي قدمن ۾ ساٿ ڏي جنهن انساني بحران سان افغانستان ۾ لکين ماڻهو خاص طور تي ٻارن جي زندگين کي بک ۽ غربت جو خط??و آهي. گذريل ڇنڇر ڏينهن به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان عوام کي ف??ري انساني ريليف فراهم ڪري، جنهن کي سخت غذائي کوٽ درپيش آهي. هن چيو ته عالمي برادري جي لاءِ اهو ف??ري نوعيت جو معاملو آهي ۽ گڏيل قومن جي متفقه طور تي اختيار ڪيل پرنسپل آف ريسپانسبلٽي ٽو پروٽيڪٽ (پي آر 2 پي) تحت غذائي کوٽ جو شڪار لکين افغانين کي ف??ري انساني ريليف جي فراهمي انهن جي ذميواري آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ ڊيلي گارڊين ۾ ڇپجندڙ هڪ نيوز اسٽ??ري پڻ ٽيگ ڪئي جنهن ۾ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم گورڊن برائون جو لکيل هڪ آرٽيڪل آهي جنهن ۾ هن برطانوي فارن سيڪريٽري لزٽورس کي چيو آهي ته هو افغانستان جي لاءِ ساڍا 4 ارب ڊالر جمع ڪرڻ جي لاءِ ڊونر ڪانفرنس گهرائي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن خوراڪ جو ف??ري انتظام نه ڪيو ويو ته 2 ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته برطانيا کي ان ڪم ۾ ليڊ ڪرڻ گهرجي ته جيئن افغانين جي امداد ڪري سگهجي. گڏيل قومن پاران سال 2022ع جي لا??ِ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان وڏي ساڍا چار ارب ڊالر ج?? اپيل ڪئي وئي آهي.