اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ آ??ادگارن جي آمدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي ??عاشي ترقي جي شرح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي، اسان جي حڪومت کي چار بحران ورثي ۾ مليا هئا، اسان انهن مان نڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ڪورونا کي ڪاميابي س??ن منهن ڏنو، هاڻي مهانگائي کي به منهن ڏينداسين، مهانگائي جو سڀ کان وڌيڪ اثر پگهاردار طبقي تي آهي، اوڳاڙين ۾ اضافي س??ن گڏوگڏ انهن جي ??گهارن ۾ اضافو ڪنداسين، قرارداد مقاصد ۾ پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو تصور ڏنو ويو، اسان انهي رستي تي ڪاربند آهيون، ڪورونا ج?? پنجين لهر دوران ڪاروبار مڪمل بند نه ڪنداسين. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ ۾ مختلف سوالن جا ج??اب ڏيندي وزيراعظم چيو ته مون پارليامينٽ ۾ سوالن جا ج??اب ڏيڻ پئي چاهيا پر اتي اين آر او گهرندڙ گوڙ ڪن ٿا ۽ مون کي ڳالهه ڪرڻ نه ٿا ڏين. هن چيو ته مون هڪ اخبار ۾ آ??ٽيڪل لکيو جنهن تي چيو ويو ته هي مذهب جي ??ٺيان لڪي رهيو آهي، مون کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ئي الله سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو هو جڏهن ته ٻين سياستدانن کي سياست ۾ اچڻ کان اڳ ڪير سڃاڻيندو به نه هو، 25 سال اڳ آئون اسلامي فلاحي رياست جي ??نشور سان گڏ سياست ۾ آيس، مون ڪڏهن به نه چيو ته ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻائيندس. هن چيو ته جيستائين هن ملڪ کي ٺاهڻ جي ??قصد تي نه هلنداسين، ڪامياب نه ٿي سگهنداسين. هن چيو ته هن ملڪ ۾ سٺا صحافي به آهن پر ڪجهه صحافي عوام ۾ مايوسي پکيڙين ٿا، مهانگائي هڪ عالمي مسئلو اهي، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري سڄو دٻاءُ رپئي جي ??در تي پيو، ٻيو مسئلو ڪورونا ج?? ڪري شين جي سپلائي ۾ کوٽ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، ان سان پاڪستان اڪيلو متاثر نه ٿيو، دنيا جا ترقي يافته ملڪ به ان کان متاثر ٿيا، ڪورونا صديءَ جي سڀ کان وڏي وبا هئي، اسان جي ??دمن کي دنيا ج?? ٽن ڪامياب ملڪن جي س??فهرست ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته ڪورونا ج?? پنجين لهر مان به ڪاميابي س??ن نڪرنداسين. صدارتي نظام جي حو??لي س??ن هن چيو ته مون شروع ۾ قوم کي پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته هن ملڪ جي ??ڏن ڌاڙيلن سان ڪا مفاهمت ۽ ٺاهه نه ڪندس، آئون انهي مافيا ج?? خلاف سياست ۾ آيس، جنهن کي اين آر او جي ??اءِ بليڪ ميل ڪرڻو آهي. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان جي ??عاشي ترقي جي شرح 5.37 سيڪڙو ڏيکاري آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ آ??ادگارن جي آمدني ۾ 73 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، سڄي دنيا ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان به پوري دنيا ج?? حصو آهيون، پگهاردار طبقو مشڪل ۾ آهي، حڪومت انهن جي ??دد ڪندي.