اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معاملو آهي، ڪورٽ رپورٽر سٺي طريقي سان اها ذميداري سرانجام ڏ??ي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار چوڌري فواد حسين پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چو??ڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير راجا محسن اعجاز کي صدر ۽ عديل سرفراز کي جنرل سيڪريٽري چو??ڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عدليه تي عوام تي اعتماد وڌائڻ ۾ ڪورٽ رپورٽنگ جو اهم ڪردار آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جون خدمتون تحسي?? جي لائق آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته صحافي?? جي ڀلائي لاءِ قدم اسان جو عزم آهي. صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊ فراهم ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي صحافي پنهنجو ۽ پنهنجي خاندا?? جي لاءِ 10 لک روپين تائي?? جي مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چو??ڊيل عهديدار?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ۽ چيو ته اميد آهي ته نوان چو??ڊيل عهديدار صحافي?? جي ڀلائي سميت ذميداراڻي صحافت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.