اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي جاپان ??ي پنهنجي هم منصب توشي مٽسو موتيجي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان ??ي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??اپان ??ان پنهنجي سياسي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ??اپان کي هڪ ترقياتي حوالي سان ??عتماد جي قابل حصيدار سمجهي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان 2022ع ۾ پاڪستان ۽ جاپان ??ي ??فا??تي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه کي پرجو?? انداز ملهائڻ جو ارادو رکون ٿا، پرڏيهي وزير پاڪ جاپان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي جاپاني هم منصب کي افغانستان ??ي اڀرندڙ صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ??ي موقف کان ??گاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران ??ي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري افغانستان ??ي مدد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين جي ثبوتن تي ٻڌل هڪ ”ڊوزيئر“ جاپاني هم منصب کي پيش ڪيو.