اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صنعت ۽ يونيورسٽي?? جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي چيو آهي ته انجنيئرنگ يونيورسٽين کي معياري، جديد ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن ملڪ مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌي سگهجي، انجنيئرنگ شعبي ۾ معذور ماڻهن ۽ عورت?? جي لاءِ داخلا ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪس??ان انجنيئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل گورننگ باڊي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انجنيئرنگ اهو پيشو آهي جيڪو قوم?? جي تعمير ڪري ٿو، انجنيئرز جي محنت سدائين قائم رهي ٿي. هن چيو ته انجنيئرز جي محنت ۽ ڪم سان تهذيب?? جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، پ??ڪس??اني انجنيئرز سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، انجنيئرز دفاع ۽ ڪنسٽرڪشن سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت جي ائٽمي ڌماڪ?? جي جواب ۾ پ??ڪس??ان ائٽمي ڌماڪا ڪيا ۽ ان ۾ انجنيئرز جو اهم ڪردار رهيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان جو سدائين موقف رهيو ته ا??غا?? مسئلو جنگ سان حل نه ٿيندو، اربين ڊالر خرچ ڪرڻ کانپوءِ آمريڪ?? کي سمجهه ۾ آيو ته ا??غا?? مسئلو طاقت سان حل نه ٿيندو. صدر چيو ته انجنيئرز مان وڏيون اميدون آهن، تعميرات، نيوڪليئر انجنيئرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماحوليات، توانائي سميت ٻين شعبن ۾ دنيا ۽ پ??ڪس??ا?? جي ترقي ۾ انجنيئرز جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان انجنيئرنگ ڪائونسل کي انجنيئرز جي مسئل?? جي حل تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته يونيورسٽيز ۽ انڊسٽري کي پاڻ ۾ رابطو قائم ڪرڻو پوندو، انجنيئرنگ يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب انجنيئرز پيدا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته عالمي معيار موجب انجنيئرنگ جي تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن پ??ڪس??اني انجنيئرز ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن، هنرمند ماڻهن، ڊاڪٽرز ۽ انجنيئرز کي ملڪ ۾ موجود موقعن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پ??ڪس??ان انجنيئرنگ ڪائونسل معذور شاگرد?? جي حوصلا افزائي ڪري، عورتن کي به انجنيئرنگ جي شعبي ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران حڪومت همدردي ۽ احساس جو رويو اختيار ??يو جنه?? جي ڪري پ??ڪس??ان تي ڀارت کان گهٽ اثر پيا. هن چيو ته نيڪ نيتي ۽ محنت سان پ??ڪس??ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي خاص طور تي انجنيئرنگ جي شعبي جي بهتري تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته انجنيئرز جي تعليم جي آخري مرحلي ۾ انٽرن شپ هجڻ گهرجي، انجنيئرنگ جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ قدم ضروري آهن، حڪومت جو ڪم سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ مراعتون ڏيڻ آهي. پ??ڪس??ان انجنيئرنگ ڪائونسل جي نئين چونڊيل چيئرمين ايم اين اي انجنيئر نجيب هارون چيو ته سي پيڪ منصوبن ۾ انجنيئرز جي خدمتن جو اعتراف ??يو ويو آهي، انجنيئرنگ جي تعليم کي عالمي معيار جي برابر آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾ انجنيئرز جو اهم ڪردار آهي ۽ اهي پنهنجي ان ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ نڀائيندا.