اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين مذهبي عقيد?? جي احترام کي حڪومت جي بنيادي پاليسي قرار ڏيندي چيو آهي ته رحيم يار خان ۾ ??قل??ت?? جي قومي ڏينه?? جي موقعي تي مندر جو ٻيهر کلڻ حڪومت پاران ??قل??ت?? جي حقن کي ڏني ويندڙ اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته مذهبي عقيدن جو احترام اسا?? جي بنيادي پاليسي آهي ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پاڪستا?? جي آئي?? جي گهرجن موجب سمورا شهري زندگي ۽ آزادي جي نعمت مان لطف اندوز ٿين. واضح رهي ته رحيم يار خا?? جي علائقي ڀونگ شريف ۾ 24 جولاءِ تي 8 سالا هندو ٻار جي خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، پوليس ٻار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 4 آگسٽ تي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻار جي ضمانت منظور ڪري ا?? جي آزادي جو حڪم ڏنو ته مڇڙيل ميڙ احتجاج ڪيو ۽ ٽوڙ ڦوڙ سان هڪ مندر کي نقصان پهچايو جڏهن ته وزيراعظم ان واقعي جو فوري نوٽيس ورتو ۽ مندر جي بحالي جو حڪم ڏنو ۽ تنهن ڪري 11 آگسٽ تي متاثر مندر جي بحالي ڪئي وئي آهي. پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار ??قل??ت?? جي ڏينه?? جي موقعي تي ڀونگ شريف ۾ قومي جهنڊو ڦ??ڪائي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪري متاثر مندر جي بحالي جو افتتاح ڪيو.