اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي حڪ??مت بلوچستان کي ٻين صوبن جي ب??ابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪ?? محمد قاسم خان سوري ۽ بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان جي گورنر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته صوبي جي ماضي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ لاءِ بلوچستان تي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، وفاقي حڪ??مت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم جي بلوچستان پيڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. وفاقي حڪ??مت بلوچستان کي ٻين صوبن جي ب??ابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪ??مت صوبي جي نوجوانن کي سکيا ۽ کين روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر چيو ته گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو.