اسلام آباد – 16 اپ??يل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي نظرياتي ڪائو??سل ۾ مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر آئين جي آرٽيڪل 228 تحت مقرريون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪائو??سل جي 12 خالي سيٽن تي مقرري جي منظوري ڏني، ڊاڪٽر قبله اياز کي اسلامي نظرياتي ڪائو??سل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، ڪراچي يونيورسٽي مان ڊاڪٽر عمير م??مود صديقي، پير ابوالحسن محمد شاهه آف ڀيڙا شريف، محمد حسن حسيب الرحمان ۽ دارالعلوم حقانيا، اڪوڙه خٽڪ جي مولانا حميد الحق حقاني، علامه محمد حسين اڪبر، سيد ضياءُ الله شاهه بخاري، پيرزاده جنيد امين، حافظ محمد طاهر م??مود اشرفي، مفتي محمد زبير، سيد محمد حبيب عرفاني ۽ مولانا نسيم علي شاهه کي ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي