اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ ڪويت تعليم، صح??، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ?? ٻه طرفن لا??اپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر احمد نصير المحمد الاحمد الجابر الصباح جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ٿيو. ايوان صدر مان جاري بيان م??جب پاڪس??ان ۽ ڪويت تعليم، صح??، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن گڏيل فائدي لاءِ ٻه طرفي لا??اپن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان ڪويت سان خوشگوار ۽ ڀائراڻي لا??اپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. پاڪس??ان ڀائر ملڪ ڪويت سان لا??اپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته تعليم، صحت ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪس??ان ڪويت کي هنرمند افرادي قوت ۽ ٻين پيشيوراڻي ماڻهو مهيا ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪس??ان ڪويت کي فوجي اهلڪارن کي پنهنجي فوجي تربيتي ادارن ۾ تربيت فراهم ڪري سگهي ٿو.