اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏکڻ آفريقا جي خلاف ٽيسٽ سيريز کٽڻ تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته ان ميچ ۾ به حسن علي ۽ رضوان بهترين پرفارمنس ڏني، هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا جي خلاف بهترين راند کيڏي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان پنهنجي خوبصورت ملڪ ?? ڪرڪيٽ کيڏندڙ ملڪن کي تسلسل سان ڀليڪار چئون ٿا.