ڪوئيٽا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، ملڪ دشمن عنص?? فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مچ سانحو هڪ وڏي گيم جو حصو آهي، ??ن تي پورو ملڪ ڏک ۾ آهي، پوري قوم هزاره برادري سان گڏ بيٺل آهي، ??يران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي، ملڪ جي اندر به فتنو پکيڙيندڙ عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين، هزاره برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، مڪمل تحفظ فراهم ڪ??و ويندو، متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن اهرن خيالن جو اظهار مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن ۽ هزاره برادري جي ماڻهن سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.