اسلام آباد – 19 ̵1; ڊ??مبر (اي پي پي) ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي مبصرن جي گ??ڏي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، گڏيل قومن جي مبصرين گذريل ڏينهن ايل او سي جي چيريڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارت پاران جنگ بندي جي خلاف ورزي جي متاثرين سان ملاقات لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پولس ڳوٺ وڃي رهيا هئا، خوش قسمتي سان گاڏي ۾ موجود ٻنهي مبصرين کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ پاڪ فوج کين حفاظت سان بچائي راولاڪوٽ پهچايو، تنهن هون??ي به انهن جي گ??ڏي کي نقصان پهتو، اهو حملو ??اڻي واڻي ڪيو ويو هو ڇو ته گڏيل قومن جي گ??ڏي، مخصوص نشان ۽ نيلي رنگ جي جهنڊي جي ڪري پري کان به واضح طور تي سڃاتي ويندي آهي.