سيالڪوٽ – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتي سرگرمين جي ??روغ، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ڪاروباري برادري کي سهولتون ڏيڻ، ڏورانهن علائقن جي ترقي ۽ ما??هن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪاروباري برادري جا ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين کاتن بابت مسئلا حل ڪنداسين، عوامي مسئلن جي حل لاء?? موثر بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون، ڪورونا وائرس جي ??ب?? جي صورتحال ۾ معاشي سرگرميون جاري رکڻ اهم چئلينج هو، حڪومت ٺوس قدمن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آندو، ڪورونا وائرس جي ??با جي ??هرين لهر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو م??ال??و ڪندڙ مخالف ڌر اڄ جلسا ڪري رهي آهي، ڪورونا کان بچاءُ جي ??اءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ضروري آهي، عوام ماسڪ پائي ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪري، صحيح معنيٰ ۾ احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ويون ته سرديءَ جي ??وسم ۾ مشڪلاتون پيش اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ فضائي ايئر سيال جي افتتاح کانپوءِ ڪاروباري برادري کي خطاب ڪندي ڪيو.