اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اس??ام آباد ۾ گذريل ڏينهن ۾ وڳوڙن، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچا??ين??ڙن جي خلاف سخت ڪارروائ?? جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته انتشار ڦهلا??ين??ڙن جي خلاف ڪارروائي دوران ڪو بيگناهه ۽ معصوم شهري گرفتار نه ٿئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته هو انتشار ڦهلائي تيزي سان مستحڪم ٿيندڙ معيشت کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، اس??ام آباد ۾ گذريل ڏينهن ۾ وڳوڙن، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچا??ين??ڙن جي خلاف سخت ڪارروائ?? جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته انتشار ڦهلا??ين??ڙن جي خلاف ڪارروائي دوران ڪو بيگناهه ۽ معصوم شهري گرفتار نه ٿئي. وزيراعظم انتشار ۽ فساد ڦهلا??ين??ڙن جي نشاندهي جو عمل موثر بڻائڻ ۽ انهن جي خلاف ٺوس ثبوت حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن فساد ڦهلا??ين??ڙن جي خلاف قائم ڪيل ٽاسڪ فورس کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻ، وفاقي پراسيڪيوشن سروس کي قانون واري وزارت تحت آڻڻ ۽ اس??ام آباد جيل جي تعمير جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ان حوالي سان فنڊز فوري جاري ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي اس??ام آباد ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اس??ام آباد سيف سٽي جو دائرو وڌايو پيو وڃي ۽ سيف سٽي ڪئميرائن جي انگ ۾ پڻ اضافو ڪيو پيو وڃي، اس??ام آباد جيل جي عمارت ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.