اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي استحڪام کانپوءِ جامع ۽ پائيدار اؤسر طرف سفر جي شروعات ڪئي وئ?? آهي، نجي ش??بي کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان قيادت ڪرڻ?? آهي، مورگيج فنانسنگ لاءِ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ فورٿ ڪلوزر ضرور?? آهي. پاڪستان مورگيج ري فنانس ڪمپني (پي ايم آر سي) جي انتظام هيٺ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته معاشي استحڪام سان هاڻي جامع ۽ پائيدار اؤسر طرف سفر جي شروعات ڪئي وئ?? آهي. گذريل 14 مهينن دوران حڪومت معاشي محاذ تي هاڪاري اڳڀرائي ڪئ?? آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن ۽ مالي خساري ۾ نمايان گهٽتائي آئ?? آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ جا کاتا گذريل ڪيترن مهينن کان مستحڪم رهيا آهن، ملڪي ڪرنسي مستحڪم آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، امپورٽ ڪور کي ٻن هفتن کان وڌي اڍائي مهينا ٿي چڪو آهي، ان سال جي پڄاڻيءَ تائين اسان وٽ ٽن مهينن جي آمدني واپار لاءِ مٽاسٽا جو ناڻو دستياب هوندو. ناڻي واري وزير چيو ته مهانگائيءَ جي شرح گهٽ ٿ?? آهي. نومبر ۾ مهانگائيءَ جي شرح 78 مهينن جي گهٽ ترين 4.9 سيڪڙو جي سطح تي اچي چڪ?? آهي. ڪائبور 13 سيڪڙو جي ويجهو آهي ج??هن سان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿئي ٿي ته اسان صحيح رُخ تي اڳتي وڌي رهيا آهيون، وياج جي شرح ۾ گهٽتائيءَ سان صنعتن ۽ گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير جي ش??بي کي به فائدو پهچندو. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صرف پاليسي فريم ورڪ جي حوالي سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ڪاروبار ۾ مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي، حڪومت سبسڊي ۽ ٻيون سهولتون ضرور ڏيندي ته جيئن مداخلت تمام گهٽ ٿئي، ڇاڪاڻ ته اسان سمجهون ٿا ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان نجي ش??بي کي ملڪ جي قيادت ڪرڻ?? آهي. هن چيو ته پاڪستان مورگيج ري فنانس ڪمپني سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ج??هن جي عڪاسي انگن اکرن مان ٿي ره?? آهي. هن چيو ته هائوسنگ جو آبادي ۽ آبهوا ۾ تبديلين جهڙن ٻن اهم مسئلن جو سِڌيءَ ريت تعلق آهي، ا??هن مسئلن جي حل لاءِ اسان انتظار نٿا ڪري سگهون. پاڪستان جي آبادي 2.5 سيڪڙو جي شرح سان وڌي ره?? آهي، چائلڊ اسٽنٽنگ ۽ ٻين مسئلن سان گڏوگڏ هائوسنگ جو شعبو به وڌندڙ آباديءَ سان ڳنڍيل آهي، آبهوا ۾ تبديليون ٻيو وڏو مسئلو آهي، 2022ع جي ٻوڏ سان پاڪستان بُريءَ طرح متاثر ٿيو ۽ اها تباهي ان مسئلي کي مُ??هن ڏيڻ لاءِ اسان جون اکيون کولڻ لاءِ ڪاف?? آهن، اسان کي موسمياتي لحاظ کان موزون هائوسنگ طرف وڃڻو پوندو. مورگيج فنانسنگ لاءِ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ فورٿ ڪلوزر ضرور?? آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ اسٽيٽ بئنڪ سميت سمورن ڀائيوارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مورگيج فنانس لاءِ ڪجهه مائڪرو فنانس بئنڪون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ٻيون بئنڪون به سامهون اچي رهيون آهن. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي حوالي سان حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، جڏهن ته ان ۾ نجي ش??بي جو ڪردار اهميت رکي ٿو.