اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي و??ر سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ لاءِ گڏيل قومن جي آبادي (يو اين ايف پي اي) بابت فنڊ جي علائقائي ڊائريڪٽر پيو اسمٿ ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات ??و مقصد پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ صنفي مساوات، ٻار ۽ ماءُ جي صحت، خانداني منصوبابندي ۽ نوجوانن کي هٿي ڏيڻ جهڙن اهم ??ما??ي ترقياتي معاملن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو ته جيئن پاڪستان جي آبادي جي مسئلن کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ حل ڪري سگهجي. انساني حقن واري و??ارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ وفاقي و??ير پاڪستان جي ??ما??ي ۽ انساني حقن جي عالمي معيار جي پاسداري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته جٽادار ترقي جي هدفن تحت صنفي فرق ۽ ??ما??ي ترقي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملين کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان مقصد تحت انساني حقن واري و??ارت، مقامي ۽ عالمي ڀائيوارن جي سهڪار سان صنفي بنياد تي تشدد (جي بي وي) جي خاتمي لاءِ مردن ۽ ڇوڪرن کي به مددگار بڻائي رهي آهي. يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان اين جي اوز جي ڀائيواري سان تيار ڪيل ”نيشنل اسٽريٽجي فار ميل انوالوومينٽ ان ايڊريسنگ جي بي وي“ معاشرتي روايتي تصورن کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن جي ذميداري کي هٿي ڏيڻ جو هدف رکي ٿي. وفاقي و??ير ٻين گڏيل قومن جي ايجنسين سان جاري ڀائيواري تي به روشني وڌي جيڪا صنفي مساوات ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار آهي، جن ۾ يو اين وومن، يونيسيف ۽ يو اين ڊي پي جا گڏيل منصوبا شامل آهن. انهن ڀائيوارن ??و مقصد اهڙا اثر پيدا ڪرڻ آهي جيڪي خاص طور تي انهن علائقن ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهن جتي ثقافتي رڪاوٽون ۽ محدود وسيلا صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا. اها ملاقات پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ هڪ گڏيل ويزن جي نمائمندگي ڪري ٿي جنهن ??و مقصد هڪ وڌيڪ مساوي ۽ شموليتي معاشري جو قيام آهي.