رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان مضبوط پاڪ سعودي اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائري ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) جي اٺين اجلاس جي موقعي تي سعودي ولي عهد ۽ وزيرا??ظم محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ س??دس صح?? ۽ ??ندرستي جي لاءِ دعا ڪئي. هن عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپيل معاملن تي سعودي عرب جي پاڪستان جي حمايت تي محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا. وزيرا??ظم س??دس ۽ س??دس وفد جي شاندار مهمان نوازي تي پڻ ولي عهد جا ٿورا مڃيا. فيوچر انويسٽمينٽ ڪانفرنس من??قد ڪرڻ جي حوالي سان سعودي ولي عهد جي دورانديش قيادت کي ساراهيند?? وزيرا??ظم چيو ته سعودي ويزن 2030ع پاڪستان جي اهم پاليسي مقصدن سان هم آهنگ آهي. ٻنهي اڳواڻن مضبوط پاڪستان سعودي اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائره ڪار ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيرا??ظم سعودي عرب جي سيڙپڪاري وار?? وزير جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جي سعودي وفد جي تازي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ ان دوري دوران صحيحون ڪيل مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) جي بنياد تي هڪ پاڪ سعودي معاشي حصيداري جو خلاصو ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بي پناهه تباهي ٿي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي وچ ۾ ٿيندڙ اها ملاقات ان ڳالهه جي عڪاس آهي.