اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم جو بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ??ي ڀرپور ڌيان آهي، نيپرا فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سڄي ملڪ ۾ 86 پئسا في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي ??هي، 5 آءِ پي پيز کي بند ڪيو ويو آهي، 8 وڌيڪ آءِ پي پيز سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ معاهدن تي نظرثاني ڪئي وئي ??هي، ان حوالي سان قوم کي جلد خوشخبري ملندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ابرار احمد، ملڪ شاڪر بشير اعواڻ ۽ آسيه ناز تنولي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيپرا گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ 86 پئسا في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي ??هي، اها گهٽتائي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي ??هي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شه??از شريف جو بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ??و ڌيان آهي، هلندڙ سال وفاقي حڪومت هڪ يونٽ کان 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ?? جي لاءِ 50 ارب رپيا، جڏهن ته پنجاب حڪومت 201 کان 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 45 ارب رپي?? جي سبسڊي ڏني. هن چيو ته ان سبسڊي کانسواءِ هر سال وفاقي حڪومت 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ ڪنزيومرز کي 276 ارب رپي?? جي سبسڊي فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 174 ارب رپي?? جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته لائيف لائ??ن ۽ نان لائيف لائين ڪنزيومرز کي ساليانو بنيادن تي سبسڊي فراهم ڪئي وڃي ٿي. هن سال صارفين کي وڌيڪ سبسڊي ڏني وئي. هن ٻڌايو ته 5 آءِ پي پيز کي بند ڪيو ويو آهي، انهن قدمن سان معيشت کي اربين رپين جو فائدو ٿيندو ۽ ڪيپيسٽي پيمنٽس ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته جولاءِ کان سيپٽمبر 2024ع تائين سبسڊي فيول خرچن ايڊجسٽمينٽ ۽ 5 آءِ پي پيز جي بند ٿيڻ سان بجلي جي بلن تي تمام گهڻو فرق آيو آهي. هن چيو ته 8 وڌيڪ آءِ پي پيز جي حوالي سان قوم کي وڌيڪ خوشخبري ڏني ويندي. انهن آءِ پي پيز سان معاهدن تي ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهن جا ريٽس گهٽ ڪيا ويا آهن، جنهن سان ڪيترائي ??ئو ارب رپي?? جي بچت ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته سرديءَ ۾ بجلي جا بل گهٽ ايندا آهن، ايندڙ گرمي?? جي موسم کان اڳ بجلي جون قيمتون وڌيڪ گهٽ ٿينديون. هن چيو ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ??ئي ??هي، معاشي انگ اکر مثبت آهن. هن چيو ته اسان معاشي بحالي طرف وڃي رهيا آهيون، بجلي جي معاملن تي حڪومت جو ڌيان آهي.