اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) پارليامينٽ مان منظور ٿيل 26هين آئيني ترم??م جو مسودو صدرِ مملڪت طرفان باقاعده منظوريءَ کانپوءِ گزٽ آف پاڪستان ۾ ڇپائيءَ لاءِ اُماڻيو ويندو. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽري طاهر حسين طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ مان منظور ٿيل 26هين آئيني ترميم کي آئين (26هين ترميم) ايڪٽ 2024ع جو نالو ڏنو وڃي. واضح رهي ته پارليامينٽ ج?? ٻنهي ايوانن مان 20 ۽ 21 آڪٽوبر تي منظور ٿيل 26هين آئيني ترم??م جي مسودي تي صدر مملڪت آصف علي زرداري طرفان باقاعده منظوريءَ کانپوءِ گزٽ آف پاڪستان ۾ ڇپائيءَ لاءِ اُماڻيو ويندو.