اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم( ايس سي او) سربراهي اجلاس 2024ع هڪ گهڻ رخي مصروفتين ج?? پليٽ فارم آهي ۽ پا??ستان علائقائي رابطن، سلامتي، اقتصادي سهڪار ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. شنگهائي تعاون تنظيم 2024ع جي موقعي تي پا?? چائنه فرينڊشپ سينٽر جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پا??ستان لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ج?? سربراهن سان نجي ڳالهين ۽ ملاقاتن ج?? موقعو آهي. هن چيو ته سمورن شريڪ ملڪن ج?? سربراهن وچ ۾ علائقائي چيلنجن تي ڳالهه ٻولهه جو هڪ بهتري?? موقعو به آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ هڪ وڏو ملڪ آهي پر في الحال اسان ج?? ڌيان سڄي خطي تي آهي. هن چيو ته پا??ستان صرف هندوستان تي ڌيان ناهي ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان ج?? ميمبر ملڪن ج?? سربراهن خاص طور تي چين ۽ روس جي وزيراعظمن سان وڏيون مصروفتيون آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ انوار الحق ڪاڪڙ ڏکڻ ايشيائي ملڪن وچ ۾ اقتصادي خوشحالي ۽ رابطن ??اءِ علائقائي ملڪن ج?? مفاد ۾ سارڪ جهڙي ٻين علائقائي فورمز کي فعال ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن چيو ته اولهه وارن ملڪن معيشت، واپار، گڏيل ثقافتي سرگرمين ۾ سهڪار لاءِ يورپي يونين ج??ڙا ڪيترائي پليٽ فارمز قائم ڪيا آهن، ان لاءِ هن ق??م جو سهڪار هن خطي ۾ به قائم ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن لاءِ سارڪ جهڙو پليٽ فارم گهڻو اهم آهي.