ماسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته گڏيل سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان ۽ روس جي واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ چاھيو?? ٿا.سيڙپڪاري بورڊ پار??ن جاري پڌرائي مطابق وفاقي وزير ماسڪو ۾ پاڪ – روس بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي. فورم ۾ پاڪست??ن جي 60 ڪمپنين جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير فورم جي پھرين ڏينھن بزنس سيشن کي خصوصي طور خطاب به ڪيو. وفاقي وزير فورم ۾ شرڪت دوران روس جي صنعت ۽ واپار واري وزير سان ملاقات کان علاوه ماسڪو ۾ روس جي واپاري برادري سان ملاقاتون پڻ ڪن??و. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن جي ماسڪو چيمبر آف ڪ??مر?? ۽ بزنس ايسوسي ايشن جي نمائندن سان پڻ م??اقات ٿيندي. واضح رھي ته ھو پنھنجي ٽن ڏينھن واري دورو دوران روس جي ڪاروباري شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان وڌ کان وڌ ملاقاتون ڪن??و. روس جي دوري ۽ فورم جي حوالي سان وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته روس جي دوري سان ٻنھي ملڪن جي ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي وڌيڪ ويجھو آڻڻ چاھيو?? ٿا. گڏيل سيڙپڪاري ۽ سھولتن سان گڏ روس ۽ پاڪست??ن جي ماتحت ڪاروبار کي ھٿي ڏيڻ ڇاھيو?? ٿا. عبدالعليم خان ماسڪو ۾ روس جي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري اختيارن سان پڻ م??اقاتون ڪن??و جنھن سان پاڪ – روس واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.