اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿاب??دي ۽ ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال سان چائنا پاور ريسورسز جي چيئرمين زونگ هائشيانگ ۽ پورٽ قاسم پراجيڪٽ جي چيئرمين هي شيويو جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي ۽ ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ چيني اهلڪارن تي ٿيل حملي ۽ ڪارڪنن جي حفاظت بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ڪراچي جي تازي واقعي ۾ ٻن چيني ڪارڪنن جي المناڪ فوتگي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. احسن اقبال واقعي ??ي افسوس جو اظهار ڪ??دي فوت ٿيل چيني اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت ۽ پاڪستا?? حڪومت طرفان دلي همدردي جو اظهار ڪي??. ه?? وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت چين جي شهرين جي حفاظت کي اولين ترجيح ڏي ٿي، ان واقعي ??ي مڪمل جاچ مقامي انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪري رهيا آه?? ۽ ??ميوارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويند??. ه?? ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چيني ڪارڪنن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. سيڪيورٽي جي نظام کي وڌيڪ سخت ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي ??ي منصوباب??دي واري سيڪريٽري اويس منظور سمرا، جوائنٽ چيف اڪنامسٽ ظفر الحس?? ۽ ??ٿاب??دي واري وزارت جي سي پيڪ منصوبي جا ٻيا سينئر آفيسر به موجود هئا. ٻنهي ڌرين سي پيڪ تحت جاري منصوبن جي ڪامياب تڪميل ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.