اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي انفورسمنٽ ن??ام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي ??ان جامع حڪمت عملي ??وڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايف بي آر ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، نجي شعبي جو فروغ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، فعال ۽ خوشحال ن??ي شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معامن بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي ??ي انت??ام جي حوالي ??ان ايف بي آر جي هوم گرون ٽرانسفارميشن پلان جي اصولي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايف بي آر ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي اهم معاشي سڌارن ۾ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته اوڳاڙين ۾ بهتري سان عوام کي خدمتن جي فراهمي ۽ سماجي شعبي ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جو انفورسمنٽ ن??ام بهتر بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وزيراعظم ان حوالي ??ان ايف بي آر جي انفورسمنٽ جي ن??ام کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي حوالي ??ان جامع حڪمت عملي ??وڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان کي ساراهيو ۽ چيو ته سٺي ٽيڪس ڏيندڙن کي ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تي مشاورت جي لاءِ گهرايو وڃي ۽ انهن کان تجويزون ورتيون وڃن. وزيراعظم ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان جي حوالي ??ان سمورين لاڳاپيل ڌرين سان وڌيڪ مشاورت ۽ ايف بي آر کي انهن تجويزن تي عملدرآمد جي لاءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن سان گڏجي تفصيلي ??بديلين جي منظوري حاصل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نجي شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته نجي شعبي جو فروغ حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. فعال ۽ خوشحال ن??ي شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. وزيراعظم ايف بي آر جي سمورن منصوبن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي تاڪيد ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي ??ان قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تي تفصيلي ??ريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر پلان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو موثر استعمال، ٽيڪس وصولي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ايمانداري سان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ عملي ??ي حوصلا افزائي ۽ ٽيڪس قانونن کي لاڳو ڪرڻ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي ??ان جامع حڪمت عملي ??امل آهي. اهو پروگرام ايف بي آر جي آفيسرن ۽ ماهرن ايف بي آر چيئرمين سان گڏجي گذريل 40 ڏينهن ۾ جوڙيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پروگرام سان معاشي ترقي جو سفر روڪڻ کانسواءِ بهتر انداز ۾ وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري سگهبو ۽ هر طبقي مان پوروٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن کي وڌيڪ آسانيون ڏنيون وينديون. تجويزن موجب وقت تي پورو ٽيڪس ادا نه ڪندڙ ۽ فراڊ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت قدمن ۽ ڏيتي ليتي تي پابنديون هڻي سگهجن ٿيون جنهن سان معاشري ۾ ٽيڪس چوري جي رجحان کي روڪي سگهبو. اهو قدم سٺي ٽيڪس ڏيندڙن سان وسيع مشاورت کانپوءِ لاڳو ٿيندو. اجلاس ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس وصولي ??ي انت??ام جي حوالي ??ان ايف بي آر جي هوم گرون ٽرانسفارميشن پلان جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. اهو پلان وزيراعظم جي هدايت تي ايف بي آر ملڪ جي ٻين معاشي ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن سان گڏجي گذريل 25 سالن جي ٽيڪس وصولي ??ي تفصيلي ??جزيي کانپوءِ جوڙيو آهي. ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان تحت ايف بي آر جي آڊٽنگ جي صلاحيت وڌائي ويندي. پهرين مرحلي ۾ ملڪ کي 32 سيڪڙو ٽيڪس روينيو ڏيندڙ لارج ٽيڪس پيئرز يونٽ، ڪراچي ۾ سٺي ڪارڪردگي ۽ ديانتدار آفيسرن جي مقرري کي يقيني بڻايو ويندو ۽ انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ جي لاءِ آڊيٽرز ۽ ماهرن جون خدمتون حاص?? هونديون. عمده ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ عملي کي اعزازيو پڻ ڏنو ويندو ۽ وڏي گهٽ مدي ۾ ان ماڊل کي سموري ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر آفيسرن کي ڪامن ٽريننگ ۽ اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرامز کانپوءِ ملڪ جي بهترين يونيورسٽين مان پروفيشنل ڊگري پروگرام پورو ڪرڻو پوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪسٽم ڊيوٽي جي چوري جي روڪٿام جي لاءِ اپريزمنٽ ۽ انفورسمنٽ جو اهڙو پروگرام جوڙيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اپريزر ۽ انسپيڪٽر کي اڳ کان پنهنجي اسائنمٽ جي خبر نه هوندي ۽ ڪم دوران ان جي ڪئيمرائن سان نگراني پڻ ڪئي ويندي. ڪسٽمز انسپيڪٽرز کي سٺي ڪارڪردگي تي پذيرائي ۽ دير وارن حربن ۽ بدعنواني تي سخت سزا ڏني ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ايف ڊبليو او جي مدد ۽ تعاون سان نئين چيڪ پوسٽون ٺاهڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.