اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ا??يمبلي پارلياماني مسئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان 16 ميمبرن تي ٻڌل خصوصي ڪميٽي ٺاه?? جي رٿ منظوري ڪري ورتي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي ا??يمبلي جي ا??لاس ۾ پارلياماني مسئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان ڪميٽي جوڙ?? جي رٿ پيش ڪئي، جنهن کي ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. اطلاعا?? واري وفاقي وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، حڪومتي ۽ مخالف بئنچن جا ميمبرز ۽ پارلياماني معاملن وارو وزير شامل هوندا، اسپيڪر کي ڪميٽي ۾ تبديلي ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو، ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي.