اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪن??ي هد??يت ڪئي آهي ته ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ مارجي ويل ٻارن جي خاندانن سان تعزيت، زخمي ٻارن ??ي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن تي اهڙي قسم جو حملو ان??هائي ظالماڻو ۽ سفاڪ عمل آهي.