ڪوئيٽا- 20 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، قلع?? عبدالله ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڦاٿل ڪٽنب کي بچائڻ واري ايڪسويٽر ڊ??ائ??ور کي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن بلوچستان ريڊڪريسنٽ، بلوچستان چيپٽر جي چيئرمين ولي خان اچڪزئي ۽ وائس چيئرمين موسيٰ جان اچڪزئي، بلوچستان جي وڏي وزير کي درخواست ڪئي ته قلع?? عبدالله ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڪٽنب کي بچائڻ واري ايڪسويٽر ڊ??ائ??ور محب الله کي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي جنهن تي هن محب الله کي بهادري ۽ مهارت سان ڪٽنب کي بچائڻ تي هن لاءِ پي ڊي ايم اي ۾ ملازمت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.