اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، 20 نڪاتي سڌارن جي شروعات وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ ٿي چڪي آهي. ڪالهه وزيراعظم جي توانائي بابت خاص مددگار محمد عل?? سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته توانائي جو شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان لاءِ هن شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، وزيراعظم جي ويزن تحت سمورن وزارتن کي گڏجي سڌارن تي عملدرآمد ڪرڻو آهي. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته وزيراعظم جي حڪمن موجب توانائي جي شعبي تي نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، پاور سيڪٽر سان ڳنڍيل سمورا ادارا ٽاسڪ فورس ۾ شامل آهن، نيشنل ٽاسڪ فورس توانائي جي شعبي ۾ بهتري ل??ءِ سمورن رخن جو جائزو وٺندي ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جو هڪ صحتمند شعبو ڏينداسين. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته جيترو جلد?? سان شيون ٺيڪ ڪنداسين اوتري جلدي معيشت بهتر رخن تي ايندي. وزيراعظم جي خاص مددگار محمد علي چيو ته اسان آءِ پي پيز ۽ پيداواري ل??ڳت بابت مسئلا ڏسي رهيا آهيون، هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته بجلي جي پيداواري ل??ڳت ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ڪيئن ڪر?? سگهجي ۽ ڪيئن ح??ومت صارفين تي بار گهٽ ڪر?? سگهي ٿي. هن چيو ته ٽاسڪ فورس جو اجلاس روزاني جي بنياد تي ٿيندو جنهن جي اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.