اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي پهرئين نشان حيد?? حاصل ڪندڙ ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس شهادت جو ڏينهن سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال قربا??ين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستاني ف??ج جي قربا??ين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مطابق ڪيپٽن سرور شهيد جي 76 هين يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد 1948 جي جنگ جي جرئت ۽ بهادري جي مثال قائم ڪندي، شهادت جو درجو حاصل ڪيو، ڪيپٽن محمد سرور شهيد ڌرتي جي حفاظت کي پنهنجي جان تي ف??قيت ڏئي ايندڙ نسلن لاءِ مادر وطن سان وفا جو لازوال مثال قائم ڪيو. وزيراع??م چيو ته ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جو ڏهاڙو سڄي قوم کي پنهنجن شهيدن جي بي مثال قربا??ين جي ياد ڏياري ٿو، پاڪستاني قوم ملڪي دفاع لاءِ پاڪستان جي ف??ج جي قربا??ين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. وزيراع??م چيو ته پاڪستاني پاڪستاني ف??ج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي دفاع لاءِ قربانيون ڏيندا آيا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم کي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ سندن ڪٽنب ڀاتين تي فخر آهي. وزيراع??م چيو ته سڄي قوم ملڪي دفاع لاءِ پنهنجي جا??ين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجا فرض ادا ڪندڙ پاڪستاني ف??ج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ بيٺل آهي.