آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سمٽ ۾ فلسطي?? جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف اختيار ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کي خطاب ۾ غزه جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهيو ۽ هن عالمي برادري تي اسرائيل کي جوابده بڻائڻ ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل فلسطيني?? جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، انصاف جي عالمي عدالت پڻ اسرائيل جي بي رحماڻي ڪاررواين کي فلسطيني?? جي نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪي آ??ي. وزيراعظم چيو ته اسرائيل غزه ۾ ظلم ڪري رهيو آهي ۽ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهيو آهي، عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي په?? جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن چيو ت?? پاڪستان جو موقف آهي ته سمورن پراڻي تڪرارن جو حل گڏيل قوم?? جي قراردادن موجب ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ 37 هزار جي لڳ ڀڳ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي، اسرائيل پاران 20 لک فلسطينين کي بي گهر ڪيو ويو، پاڪستان فلسطي?? جي مسئلي جو 1967ع کان اڳ جي سرحد?? جي طرز تي ٻه رياستي حل جو حامي آ??ي جنهن تحت فلسطيني رياست جو قيام ٿئي ۽ جنه?? جي گادي وارو شهر القدس هجي.