اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آغا خ??ن ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ان جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، هنزه ۾ آغا خ??ن ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آغا خ??ن فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرپرسن شهزاده رحيم آغا خ??ن پنج رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم پرنس رحيم آغا خ??ن کي پاڪستان حڪومت پاران نشان پاڪستان ملڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پاڪستان جي گهٽ ترقي يافته ۽ ڏورانهن علائقن خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ چترا?? ۾ ??ماجي ڀلائي جا مختلف منصوبا قائم ڪرڻ تي پرنس رحيم آغا خ??ن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته آغا خ??ن ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آغا خ??ن ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته هنزه ۾ آغا خ??ن ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس جو قيام انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم آغا خ??ن ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ گلگت ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي مائيڪرو فنانس بئنڪنگ مرڪز قائم ڪرڻ کي علائقي جي عوام جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم آغا خ??ن ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ پاڪستان حڪومت سان حصيداري جي دعوت ڏني.