شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف اڄ چيني صدر شي جن پنگ جي اباڻي شهر شي – آن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف يانگلنگ ايگريڪلچرل ٽيڪنالاجي ڊيمانسٽريشن بيس جو دورو ڪندو جتي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي ايس سي او ماڊرن ايگريڪلچر سينٽر جو دورو ڪرايو ويندو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي يانگلنگ ۾ جديد زراعت تي بريفنگ ۽ عملي مظاهري ??ان گڏوگڏ زراعت جي جديد فيڪٽري جو دورو پڻ ڪرايو ويندو. وزيراعظم ??ان شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستاني وفد ??ان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪندو جتي کيس تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي فروغ جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني ويندي.