بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چيني صدر شي جن پنگ پاڪستان جي خودمختياري، ع??ائ??ائي سالميت ۽ ترقي، ع??ائ??ائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز طور اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت ک?? استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته کيس صدر شي جن پنگ سان ملاقات جو اعزاز حاصل ٿيو. ملاقات دوران پاڪ چين لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسان پنهنجي پراڻي لاڳاپن ۽ ثابت قدم دوستي، سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ تحت جاري قدمن جي وقت سر پڄاڻي ۽ 5 نئين لنگهن سان گڏ اڳئين مرحلي ۾ گڏيل طور تي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. کيس ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۽ بي آر آءِ جي 10 سالن ??ي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. مون ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ع??ائ??ائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي جي فروغ ۽ گوادر کي ڪنيڪٽيويٽي جو مرڪز بڻائڻ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏ??ي ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، ع??ائ??ائي سالميت ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ ع??ائ??ائي واپار ۽ اقتصاديات جي مرڪز جي طور ت?? اسان جي جيو اڪنامڪ صلاحيت ک?? استعمال ۾ آڻڻ ۾ اسان جي حمايت جاري رکندو، مون صدر شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.