اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چ??ڊ جي لاءِ پاڪستان جي پهرين سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ تي مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته سيٽلائيٽ مشن جي ڪامياب لانچنگ پاڪستان جي خلائي پر??گر??م جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، پوري پاڪستاني قوم کي ان اهم ڪاميابي تي فخر آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، اسپارڪو ۽ چين جي قومي اسپيس انتظاميا کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ خلابازي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان کي خلابازي جي شعبي ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪرڻيون آهن، اميد آهي ته پاڪستان جا خلائي تحقيقي ادارا ۽ سائنسدان وڌيڪ محنت، لڳاءُ ۽ منصوبابندي سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.