اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي و?? ۾ عوامي رابطن کي و??يڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ کي و??ائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ رابطا وڌندا پر ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۾ به اضافو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چيف آف ترڪ جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ترڪيه سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي و??يڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن ٻن ڀائر ملڪن جي عوام کي و??يڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا خاص طور تي ادب ۽ شاعري جي شعبن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي روشني و??ي ته ترڪيه پاڪستان جو مخلص دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنه?? ڌرين جي گڏيل مفاد جي لا??ِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي و??يڪ چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپا اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ڪري و??يڪ بهتري طرف گامزن آهن. ان کان اڳ ايوان صدر ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ترڪيه جي و?? ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه جي چيف آف اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو.