برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پهرين نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي ??جلي جي پيداوار ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن موسمياتي ??بديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي اهميت تي ??ور ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي ??بديلين ۽ موسمياتي ??فتن کان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪ طور گهٽ ڪاربن توانائي جي ذريعن سان گڏ توانائي کي مناسب بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن اسرندڙ ملڪن جي توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فني مدد ۽ گهڻ رخي مالياتي ??دارن پاران مالي امداد جي فراهمي سميت عالمي تعاون وڌائڻ تي ??ور ڏنو. هن سويلين نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت کي ٻين ملڪن خاص طور تي ??سرندڙ ملڪن سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب پرڏيهي وزير آءِ اي اي اي جي ڊئريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۾ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن انرجي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جي حصي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ايجنسي جي فني تعاون جي اهميت تي ??ور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته عالمي مالياتي ??دارن ۽ بئنڪن کي گهرجي ته اهي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪن ته جيئن اهي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ۽ زيرو اخراج جي هدفن کي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز جي دوري دوران چين جي نائب وزيراعظم زانگ گ??چنگ، آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان ۽ گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير الماز روئل سهيل سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلجيئم جي وزيراعظم ۽ ڊائريڪٽر جنرل عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي گڏيل ميزباني ۾ سربراهه اجلاس ائٽمي توانائي ۾ تعاون جي ڳولا، فوسل فيوئل جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ عالمي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو. هي ائٽمي سائنس، ايپلي ڪ??شن?? ۽ ??اور تي ??المي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان پاڪستان جي مصروفيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم موقعو هو.