اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آص?? علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شامل هو. ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏو وزير سيد محسن نقوي پڻ موجود هئا. وفد وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو. آص?? علي زرداري وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ حڪومت سان گ?? بيٺل رهندي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته خدا تعاليٰ ۽ عوام جو دل سان ٿورائتو آهيان جن پاڪستان جي خدمت لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏنو. خادم پاڪستان چونڊجڻ جي لاءِ ايوان ۾ پنهنجي اتحادي پارٽين جي اعتماد تي انهن جا ٿ??را ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي ڪرم ۽ پنهنجي محنت سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.