بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نواد??ات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چين جي شهر شينزن جي ميوزيم آف هسٽري اينڊ فوڪ ڪلچر ۾ جاري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ثقافت جي دلڪشي ۽ چين ۽ اوڀر ايشيا تي ان جي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چيني ويب سائيٽ چائنا اڪنامڪ نيٽ (سي اي اين) موجب شينزن ميوزم، پاڪستان جي آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چين جي پيلس ميوزم جي انتظام هيٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي عنوان سان نمائش 24 مارچ 2024ع تائين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ثقافتي نواد??ات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪستان جي ست عجائب گهرن جا 173 ۽ پيلس ميوزم جا 30 نمونا شامل آهن. پاڪستان کان آيل نمونا بني??دي طور تي آثار قديمه جي کوٽائي مان حاصل ٿيا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مجسما، گنڌارا جي پٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آرٽ جي انداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيلس ميوزم کان ٻڌ مت جا مجسما بني??دي طور تي قديم گنڌارا جي عل??ئقي سان تعلق رکن ٿا ۽ قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي تبت جي محلن ۾ داخل ٿيا، هي چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ثقافتي ۽ فني مٽاسٽا جي ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.