اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلو?? چيو آهي ته هلندڙ هفتي کان سينيئر آمريڪي عملدارن جي پاڪستان جي دورن جو سلسلو جاري آهي، ان ۾ آبادي، پناهگيرن ۽ مائيگريشن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جوليٽا والس نوائس، اف??انستان بابت خصوصي نمائندي ٽام ويسٽ ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبٿ هورسٽ جا دورا شامل آهن. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهي دورا آمريڪا سان اف??انستان جي صورتحال سميت ڪيتر?? ئي مسئلن تي جاري ڳالهه ٻولهه جو حصو آهن پر ان تائين محدود نه آهيون. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان مستقل رابطي ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پرعزم آهي.