اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جو ماسٽر پلان جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ??ند?? تعميرات جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ نظام کي آسان بڻائڻ جي ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ??ند?? هدايت ڪئي آهي ته سڀني صوبن ۾ اهڙا آن لائين نظام متعارف ڪرايا وڃن جيڪي استعم??ل ۾ سولا ۽ صارفين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. ڪرپشن ڪلچر جي خاتمي ۽ زمين جي منتقلي جي معاملن ۾ ڊجيٽلائيزيشن نظام متعارف ڪرايو وڃي، ڪرپٽ ۽ عوام جي لاءِ مسئلا پيد اڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، هو ڪالهه هتي هائوسنگ ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهبا?? گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ا??ٽي?? بئنڪ جو گورنر رضا باقر، سيڪريٽري ۽ اڏاوتن جي شعبي سان لاڳاپيل مشهور ڪاروباري شخصيتون موجود هيون.