اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي عوام جي زندگ??ن ۾ بهتري جي لاءِ سارڪ کي بهتر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڏکڻ ايشيا جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) کي متح??ڪ تنظيم بڻائن جي ضرورت آهي ته جيئن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ خطي جي ملڪن جي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. هتي ايوان صدر ۾ نيپال جي عهدو ڇڏيند?? سفير سيوالامسال آڌيه ڪاري صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڀارت جي مسئلن تي ٻڌل لاڳاپن جي ڪري هن وقت خطي جي سلامتي کي خطرا درپيش آهن، هن چيو ته ڀارت پاران غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻين اقليتن جي خلاف ڀارت جي انتهاپسنداڻا قدم ڳڻتي جوڳا آهن.