اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي جي آجيان ڪندي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان مستنند دستاويز جوڙڻ جي ض????رت تي زور ڏنو آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ ??در سپريم ڪورٽ جي خصوصي ماڻهن جي حوالي سان فيصلي کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اهو فيصلو خصوصي ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي. ??در چيو ته خصوصي ماڻهن جي حوالي سان صحيح دستاويز ۽ انگ اکر جوڙڻ جي ض????رت آهي ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ۽ مالي طور تي بااختيار ٿي سگهن. سپريم ڪورٽ 14 جولاءِ کي پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي حڪم ڏنو آهي ته خصوصي ماڻهن کي هائوسنگ، ٽرانسپورٽ ۽ نوڪرين سميت ??وا??ي جاين تي سهولتون فراهم ڪن.