اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پ?? پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ مس??م ليگ (ن) 2008ع کان 2018ع دوران ميثاق ڪرپشن جي ذريعي ملڪ جي خزاني کي بي دردي سان لٽي پ??هنجا خزانا ڀريا ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ پنهنجون جائيدادون ٺاهيون، 22 ڪروڙ عوام کي پ??ريون ڀيرو عمران خان جي صورت ۾ هڪ ديانتدار ۽ ايماندار وزيراعظم مليو جيڪو هر ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي ??لا??يت رکي ٿو، پهرين 15 مهينن ۾ معاشي طور تي ڏيوالو نڪتل ملڪ کي پ??هنجي پ??رن تي بيهاري معاشي استحڪام جي سفر تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، 2020ع معاشي ٽيڪ آف جو سال آهي، ان س??ل عام ماڻهو کي حڪومتي سڌارن ۽ پاليسين جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويندا، هو ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پ?? پي) جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو