اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وز??ر محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ -آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. گ??رو وز??ر محسن نقوي پاڪ -آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي خدمتن کي ساراهيو. گهرو وز??ر محسن نقوي آمريڪي سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير پاڪستان ۾ تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئ??. گ??رو وز??ر جو چوڻ هو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ لائحه عمل بڻائڻو پوندو. ڪنهن به غير قانوني پرڏيهي کي پاڪستان ۾ رهڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان ۾ مقرري دوران سم??رن ادارن جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو. وفاقي گهرو ??يڪريٽري خرم علي آغا ۽ آمريڪي ڊپٽي هيڊ آف مشن نيٽلي بيڪر به ان موق??ي تي موجود هئي.